شورڪوٽ – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت کي خبر??ار ڪيو آهي ته پاڪستان کي ڪڏهن به گهٽ نه سمجهيو وڃي، پاڪ فضائيه جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري س??هي، پي اي اي?? 27 فيبروري 2019ع تي بالاڪوٽ جي علائقي ۾ ڀارتي جهاز ڪي??ائ?? پنهنجي اهليت کي ثابت ڪري ڇڏيو، پاڪ فضائيه جي ڪارڪردگي سان منهنجو سر فخر سان بلند ٿي ويو. پي اي اي?? ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ پاڪستان جي حدن ۾ ڀارتي جهاز ماري ڪيرايو. پاڪستان ايئر فورس پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجي اهليت ثابت ڪئي آهي، پي اي اي?? ڪيت??ائ?? هيروز پيدا ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي اي اي?? رفيقي بيس تي جنگي جهازن جي 50 هين سالگرهه ۽ ڪلر اي??ارڊز جي ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان به موجود هو. ??قر??ب دوران ملڪ جي دفاع لاءِ شان??ار خدمتن تي پي اي اي?? جي اڳوڻن ۽ موجوده آفيسرن ۽ ٽيڪنيشنز کي اي??ارڊز سان به نوازيو ويو. صدر ??قر??ب کي خطاب دوران چيو ته گذريل ڪجهه سالن جي دوران مختلف مسئلن کي منهن ڏيندي اسان متحد رهڻ جو سبق سکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو جهاز ٺاهيندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خاتمي جو اعزاز به رکي ٿو ۽ اهو اعزاز سپر پاوز سميت ٻي ڪنهن ملڪ کي حاصل نه آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪامياب رهيو آهي ڇو ته ان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ سويلين ??قر??بن هڪ لک جانين جي قرباني ڏني آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران امن جي آڇ جي باوجود ڀارت جو ڪر??ار هڪ انتهاپسند رياست جو آهي ڇو ته حقيقت ۾ ڀارت کي خطرو آهي ته پاڪستان ڀارت تي حملو ڪري س??هي ٿو، تنهن هوندي به پاڪستان ڀارت جي عدم استحڪام مان ڪڏهن به خوش نه ٿيندو ڇو ته ان طرح جي صورتحال سان خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي س??هن ٿا.
پاڪستان کي ڪڏهن به گهٽ نه سمجهيو وڃي، پاڪ فضائيه جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر