اس??ام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ??لڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 74 فوتگيون ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ??لڪ ۾ 1 هزار 563 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 74 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 63 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 11 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان مل??ان ۾ 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، اس??ام آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 44 سيڪڙو، مل??ان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 285 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 83، پنجاب ۾ 16 هزار 704، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 537، اس??ام آباد ۾ 5 هزار 994، بلوچس??ان ۾ 373، گلگت بلتس??ان ۾ 323، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 92 هزار 207 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچس??ان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 299 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 820 آ??ي. سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 37 هزار 477 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 877، بلوچس??ان ۾ 18 هزار 765، گلگت بلتس??ان ۾ 4 هزار 903، اس??ام آباد ۾ 40 هزار 972، خيبرپختونخواهه ۾ 65 هزار 953، پنجاب ۾ 1 لک 55 هزار 214 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 42 هزار 793 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 11 هزار 450 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 925 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مريض اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 646 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 5 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 857 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اس??ام آباد ۾ ڪل 469 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو، بلوچس??ان ۾ 193 فوتگيون، گلگت بلتس??ان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 258 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 77 لک 64 هزار 114 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 644 مريض علاج هيٺ آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا