اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آئيني ادارن کي ڌمڪائڻ عمران خان جي عادت بڻجي چڪي آهي، آئيني ادارن جو احت??ام ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي. نجڪاري وا??ي مملڪتي وزير محمد زبير ۽ قومي ??سيمبلي ميمبر دانيال عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ادارن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عادت آهي جيڪا ان حلف نامي ??ي خلاف ورزي آهي جنهن جو حلف هن قومي ??سيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان کنيو هو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) قومي ??دارن جو تمام گهڻو احت??ام ڪري ٿي تنهن هوندي به عمران خان پاران روزانو اهڙا الزام هڻڻ سبب اصل حقيقتن جي وضاحت ڪرڻ ضروري هوندو آهي.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔