راولپنڊي – 09 آگسٽ (اي پي پي) هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪمانڊرز ۽ انٽيليجنس ادارن کي دهشتگردن ۽ سليپرز سيل کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قوت سان ڪومبنگ آپريشن ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ت?? بهادر هٿياربند فوج ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف ڪاميابين جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏيندي. هو جي ايڇ ڪيو ر??ولپنڊي ۾ ڪو?? ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪو?? ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ سمورن ڪو?? ڪمانڊرز ۽ پرنسپل اسٽاف آفيسرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر