گڏيل قومون _ 15 مئي (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ، رفع ۽ ٻين هنڌن تي اسرائيلي بمباري ۾ اضافو پريشان ڪندڙ ۽ متاثرن ??ي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهي . ان ??لائقي جي پهرين سنگين صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي . اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو نيو گوتريش جي نائب ترجمان فرحان ??ق گذريل ڏينهن ميڊيا بريفنگ دوران چئي . هن چيو ته هڪ طرف اسرائيل جنگ رفع ۽ ٻين هنڌن تي بمباري ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي پاسي غزه کان ??سرائيل خلاف راڪٽ حملا به شهرين کي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن . اسان کي شهرين جو احترام ۽ تحفظ يقيني ب??ائڻو پوندو . سيڪريٽري جنرل چيو ته غزه جي رهائشين لاءِ ??اڻي ڪا به جڳهه محفوظ ناهي . هن ڌرين کان متاثرن تائين انساني بنيادن تي امداد جي رسائي لاءِ ??وري جنگ بندي ۽ سمورن مغوين کي آزاد ڪرڻ سان گڏ رفع ڪراسنگ کي فوري طورتي کولڻ جي اپيل ڪئي .
غزه جي رهائشين لاءِ هاڻي ڪا به جڳهه محفوظ ناهي ، اسرائيلي بمباري امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهي :گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال