بيجنگ-06 نومبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي. چيني خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وين ??ين پريس ڪانفرنس ۾ فلسطين اسرائيل جنگ سان جنم وٺندڙ انساني الميي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته موجوده جنگ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن. عالمي برادريءَ کي اهڙي طرح جي سانحن جو تسلسل روڪڻ گهرجي. ترجمان نشاندهي ڪئي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هاڻو??ي خصوصي اجلاس ڳري اڪثريت سان هڪ قرارداد منظور ڪئ??، جنهن مطابق ڌُرين قانون مطابق فوري تي جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو، ??ين الاقوامي انساني قانون مطابق عام شهرين، شهري ٺڪاڻن ۽ افرادي عملي ۽ ٺڪاڻن جو احترام ۽ تحفظ ڪيو وڃي ۽ ٻه رياستي حل جي عزم کي ورجايو وڃي. هي عالمي برادري جي مضبوط آواز جي عڪاسي ڪري ٿو. وانگ وين ??ين چيو ته سلامتي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين ملڪ جي حيثيت سان چين فلسطين ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي پوري ڪو??ش ڪندو ۽ تڪرار ۾ ٽياڪڙي، ڇِڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ فلسطين مسئلي کي ٻه رياستي حل جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ عالمي برادريءَ سان گڏجي ڪم ڪندو.
عالمي برادري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي توجهه ڏي: چين
مضمون کا ماخذ : رومن دولت