گڏيل قومون – 23 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل مبصر رياض منصور والاريل اولهندي ڪناري جي شهر نابلس ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي سلامتي ڪا??ون??ل ۽ عالمي ??رادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سعودي خابرو اداري موجب هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ون??ل، عالمي ??رادري ۽ سيڪريٽري جنرل کان مطالبو ڪيو ته هو سلامتي ڪا??ون??ل جي قراردادن ۽ سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ تي عملدرآمد ڪندي فلسطيني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. گڏيل قومن ۾ فلسطيني مشن ??ين??ڙ ڏينهن ۾ هنگامي ??جلاس منعقد ڪرڻ لاءِ سلامتي ڪا??ون??ل جي ميمبرن سان ڳالهيون ڪندو. فلسطين ۾ گذريل ڏينهن اولهندي ڪناري جي شهر نابلس تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 10 ماڻهو شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري حسين الشيخ نابلس ۾ اسرائيلي حملي کي قتل عام قرار ڏيندي عالمي ??رادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي.
سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فلسطيني مبصر رياض منصور
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ