اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته گذريل ڏينهن 3 ڊسمبر تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪامياب قرار ڏن??ون ويون آهن جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ حج درخواستون جمع ڪرائڻ ۾ ڏُکيائين سبب ڀلي پار ويندڙن جي درخواست تي درخواستن تي وصوليءَ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڀلي پار ويندڙن کي خوشخبري ڏن?? آهي ته 3 ڊسمبر تائين حج درخواستون جمع ڪرائيندڙ سمورن اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏن?? ويو آهي، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصول ٿي?? درخواستون به ڪامياب قرار ڏن??ون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪيم ۾ درخواستون هاڻ 10 ڊسمبر تائين نامزد بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهبيون، ڪوٽا کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻا ڪ??يا ويندا. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني 10 ڊسمبر تائين اسپانسرشپ جي رقم لازمي جمع ڪرائين، اسپانسرشپ اسڪيم ۾ وصو?? درخواستگذارن کي بنا ڪُڻن جي ڪامياب قرار ڏن?? ويندو. وزارت جي ويب سائٽ تي آن لائن پورٽل ذريعي گهر ويٺي حج درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ڀلي پار ويندڙ کي نين هدايتن لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
اڱاري تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪامياب قرار
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری