سرگوڌا – 08 – نومبر (اي پي پي) يو??يو??سٽي آف سرگوڌا جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز شعبي صحافتي اخلاقيات تي هڪ بامعنيٰ ڪميونٽي انگيجمينٽ سيشن منعقد ڪيو. ??نه?? ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اها تقريب يو??يو??سٽي جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي ??نه?? ۾ سرگوڌا ڊويزن جي ٽي وي ۽ اخباري صحافين سان گڏوگڏ ميڊيا اسٽڊيز جا شاگرد پڻ موجود هئا. ورڪنگ صحافين ۽ ميڊيا اسٽوڊنٽس کي خطاب ڪندي محمد عاصم کچي معروضي، غيرجانبدار ۽ حقيقتن تي ٻڌل صحافت جي اهميت تي زور ڏنو. هن انويسٽيگيٽو صحافت جي ضرورت کي اجاگر ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي جديد صحافت جي لاءِ ايڪهين صديءَ جون ضروري مهارتون سکڻ جي ترغيب ڏني. هن ان اميدان ۾ اڀرندڙ رجحانن جهڙوڪ مصنوعي ذهانت، ڊيٽا جرنلزم، وڊيو اسٽوريز ۽ اڳڪٿي تي ٻڌل صحافت کي جديد صحافتي مهارتن جو اهم جز قرار ڏنو. ان موقعي تي سوال جواب جي ويهڪ پڻ ٿي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي عاصم کچي معلومات کي سڌوسنئون ذريعن کان تصديق ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئ?? خبرن جي درستگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ٻڌايو ته حڪومت، صحافتي تنظيمون ۽ ميڊيا ڪائونسلز پڻ فيڪ ??يو?? جي نشاندهي ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي تربيت فراهم ڪري رهيون آهن. ڪميونيڪيشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر مدثر حسين شاهه يو??يو??سٽي آف سرگوڌا ۽ اي پي پي جي وچ ۾ صحافين جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اهو يو??يو??سٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر قيصر عباس جو ويزن آهي ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن سان حصيداري جي ذريعي صحافين کي مصنوعي ذهانت، ڊيٽا جرنلزم، وڊيو ايڊيٽنگ، مو??د جي تخليق ۽ سوشل ميڊيا پروڊڪشن ۾ تيز رفتار تربيت ڏني وڃي ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ صحافي پنهنجي پيشيواراڻي ۽ مالي حالتن کي بهتر بڻائي سگهن. ان کان اڳ افتتاحي خطاب ۾ اسسٽنٽ پروفيسر نعمان ياسر ڪميونٽي انگيجمينٽ کي هڪ بامعنيٰ عمل قرار ڏنو ۽ ان کي انڊسٽري ۽ اڪيڊميه جي وچ ۾ اهڙو ربط قرار ڏنو ??نه?? سان ٻنهي ڌريون فائدو کڻي سگهن ٿيون. تقريب جي نظامت اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان قيصر ڪئي ??نه?? ۾ ٽي وي ۽ اخباري صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
يونيورسٽي آف سرگوڌا جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز شعبي پاران صحافتي اخلاقيات تي سيشن منعقد، معلومات کي سڌوسنئون ذريعن کان تصديق ڪرڻ ضروري آهي: ايم ڊي اي پي پي محمد عاصم کچي
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون