اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته سياسي اختلاف جمهوريت جو حسن آهن، انهن کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪ??ڻ گهرجي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان ??ي قدر ۽ منزل کي وڌائڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه محمد آصف چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين سان ڪنهن کي اختلاف نٿو ٿي سگهي، هائوس ۾ اسان ??ي وابستگي پارٽي سان ??رور آهي پر ايوان ??ون ذميواريون به اسان کي ادا ڪرڻيون آهن.سياسي اختلاف جمهوريت جو حسن آهي ۽ ان کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪ??ڻ گهرجي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت ذريعي پهريون ڀيرو ٻن پارٽين ان ??وچ جو بنياد رکيو ته اسان کي گڏجي پارلياماني جمهوريت جي حفاظت ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. ان ??فر ۾ رڪاوٽ آئي پر ڪٿي به اهڙو وقت نه آيو. اسان 90 جي ڏهاڪي واري تلخي طرف واپس نه وياسين، 2013ع ۾ جڏهن ڌرڻو هنيو ويو ته اداري جي وقار ۽ سربلندي لاءِ سموريون پارٽيون متحد ٿي ويون، پارليامينٽ جي عمارت تي قبضو ٿيو، اسان پوئين دروازي مان هن عمارت ۾ داخل ٿيندا هئاسين. پ پ پ ان وقت ميثاق جمهوريت جي روح موجب عمل ڪيو. هن چيو ته نواز شريف، زرداري صاحب، زرداري جي ڀيڻ ۽ آئون پاڻ جيل ويو آهيان، ڪنهن جو پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيو، اسان هائوس جي قدر ۽ منزل کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪ??ي، جمهوريت ۾ ايئن ٿيندو آهي، اسان ??ي جمهوريت اڃان ??ائين پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهي آهي. اسان کي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻو پوندو ۽ ان ??ي قدر ۽ منزل کي وڌائڻو پوندو.هن چيو ته اسان کي پروڊڪشن آرڊرز تي ڪو به اعتراض ناهي، جلسي ۾ جيڪا تقرير ٿي ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جيڪا زبان ??ستعمال ڪئي جيڪڏهن هو ائين نه ڪ??ي ها ته اهو واقعو نه ٿئي ها. جيڪڏهن اهو ري ايڪشن ۾ نه هجي ها ته مان ??ن جي مذمت ڪريان ها، اوهان ??ڏهن حدون ڪراس ڪريو ٿا، اوهان ??ڏهن وفاق، آئين کي چئلينج ۽ جمهوريت جي قدرن کي ڪمزور ڪريو ٿا، جڏهن اوهان لشڪر ڪشي جي ڳالهه ڪ??يو ٿا ۽ نالو وٺي ڄڃ وٺي اچڻ جي ڳالهه ڪ??يو ٿا ته اها جمهوريت ۽ آئين لاءِ خودڪشي جي برابر آهي، جلسي ۾ ڪيتريون ئي لائينون ڪراس ٿيون آهن، وفاق، آئين ۽ جمهوري قدرن جي حدن کي پائمال ڪيو ويو. اسان ??ا اڳواڻ به ??رفتار ٿيا آهن پر اسان ??ن کي اشو نه بڻايو، نظام کي برقرار رکڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار جاري رکيو ۽ اسان ??ها ٻولي نه ڳالهائي جيڪا جلسي ۾ ڳالهائي وئي. عدالتن مان پنهنجي اڳواڻن کي آزاد ڪرائڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. جيڪڏهن اهو سلسلو رهيو ته آئين ۽ ادارا مفلوج ٿي ويندا. سياست ۾ جيڪا تلخي آهي پاڪستان ??ي تاريخ ۾ ان ??و مثال نٿو ملي. زرداري صاحب ڪنهن سزا کانسواءِ 11 سال جيل ۾ رهيو آهي، ٻئي طرف ڪيس موجود آهن انهن لاءِ آئين کي ڪمزور نه ڪيو وڃي ۽ ملڪي حدن کي ڪراس نه ڪيو وڃي. هن چيو ته تلخين ۾ گهٽتائي ۽ هائوس جي بقاءَ لاءِ اسپيڪر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مسئلا سراسري گهٽجي رهيا آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان ??ضافو ٿيو آهي جنهن سان ??منڊ پار پاڪستانين جي ملڪ تي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ايوان کي فعال بڻائڻ لاءِ اسپيڪر کي رستو ڪڍڻ گهرجي.
سياسي اختلاف جمهوريت جو حسن آهن، انهن کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي: خواجه آصف
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena