اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي پٽن ۽ پاڪ فوج جي عظيم فرزندن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ 6 سيپٽمبر انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اس??ن جي فوج جو حوصلو ۽ فرض س??ن جذبو ئي پاڪست??ن جي سلامتي جو بنياد آهي، ”عزم استحڪام“ تحت نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پل??ن جو مقصد هر قسم جي دهشتگردي بشمول ڊيجيٽل دهشتگردي کي سدائين جي لاءِ پاڙ کان پ??ي اڇلائڻو آهي، حڪومت ڇڪتاڻ بدران ڳالهين ۽ ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ حصيداري تي يقين رکي ٿي، ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ خطي ۾ امن قائم ٿيڻ ۽ ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، هر پليٽ فارم تي پنهنجو آواز فلسطين جي لاءِ بلند ڪندا رهنداسين. دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن جي تاريخ ۾ 6 سيپٽمبر انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هر سال ان ڏينهن پاڪستاني قوم دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ احترام سان ملهائي ٿي. اسان سڀ ملڪ جي پٽن ۽ پاڪ فوج جي عظيم فرزندن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن 6 سيپٽمبر 1965ع تي اس??ن جي سرحدن تي حملي آور دشمن جي خلاف بي خوف ٿي وڙهندي ان کي شڪست ڏني. دشمن جي ان اڻ اعلانيل حملي ۽ عددي برتري جي باوجود پاڪ فوج جي بيداري ۽ تياري جي ڪري دُشمن کي سمورن محاذن تي شرمندگي ۽ عبرتناڪ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. گذريل 59 سالن کان پاڪ فوج هر وقت تيار ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ حربي تيارين جو مظاهرو ڪري دفاع جي ڏهاڙي جي جذبي کي زندهه رکيو آهي جيڪو اس??ن جي دفاع ۽ سگهه جي علامت بڻجي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو قوم هر چئلينج ۾ سرخرو ٿي آهي. بنا ڪنهن شڪ جي اس??ن جي فوج جو حوصلو ۽ فرض سان لگن ئي پاڪست??ن جي سلامتي جو بنياد آهي. انهن جي قربانين سان اسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته آئون شهيدن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن جو جذبو ۽ حوصلو اسان کي محفوظ ۽ مضبوط پاڪست??ن جي تعمير جو عزم بخشي ٿو. جديد ترين حربي صلاحيتن سان ليس اس??ن جي فوج پنهنجي علائقائي سالميت ۽ خودمختيار تشخص کي فتح نه ٿيڻ جو بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيت ۾ مسلسل اضافو ڪري رهي آهي. هن چيو ته اس??ن جي حڪومت ڇڪتاڻ بدران ڳالهين ۽ ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ حصيداري تي يقين رکي ٿي. اس??ن جو مقصد اهڙي سازگار فضا پيدا ڪرڻ آهي جتي سموري قوم ترقي ڪري ۽ غربت، بيماري ۽ جهالت جهڙا گڏيل مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏي. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ خطي ۾ امن قائم ٿيڻ ۽ ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي جنهن ??ي ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ريفرنڊم جي ذريعي فوري حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ پاڙيسرين مان اٿندڙ دهشتگردي جي پاڙن کي گڏيل تعاون ۽ گڏيل مفاد جي حڪمت عملي جي ذريعي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي ڏينهن آئون توه??ن جي لاءِ اميد ۽ عزم جو پيغام ڏيان ٿو. ياد رکو اس??ن جو ماضي بحيثيت قوم مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي اس??ن جي صلاحيت جو گواهه آهي. هر ڀيري اسان مضبوط تر ۽ عسڪري لحاظ کان مضبوط ٿي اڀريا آهيون. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي انهي پختي عزم سان ڪم وٺڻو پوندو جيڪو سدائين اس??ن جي سڃاڻپ رهيو آهي. ”عزم استحڪام“ تحت نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پل??ن جو مقصد سمورين قسمن جي دهشتگردي بشمول ڊيجيٽل دهشتگردي کي سدائين جي لاءِ پاڙ کان پ??ي اڇلائڻو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀ گڏجي هڪ خوشحال پاڪست??ن جي راهه هموار ڪريون. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام سان مضبوطي سان بيٺل آهي. اسان هر پليٽ فارم تي پنهنجو آواز فلسطين جي لاءِ بلند ڪندا رهنداسين. فلسطيني عوام اسرائيلي قبضي جي خلاف پنهنجي ڊگهي جدوجهد ۾ ناقابل يقين جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها فلسطيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ غزه ۾ بيگناهه مسلمانن جي نسل ڪشيءَ بند ڪرائي. وزيراعظم چيو ته آئون شهيدن ۽ غازين جي خاندانن کي پڻ سلام پيش ڪريان ٿو. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ انهن جي گهرڀاتين کي جرئت ۽ همت عطا فرمائي. اچو شهيدن جي جذبي کي پنهنجي دلين ۾ جڳهه ڏئي پاڪست??ن جو تحفظ ۽ تعمير ڪريون ۽ پاڪست??ن جي دفاع جي جذبي کي بيدار ڪندي عظمت جي بلندين تائين پهچون.
ملڪ جي تاريخ ۾ 6 سيپٽمبر انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اسان جي فوج جو حوصلو ۽ فرض سان جذبو ئي پاڪستان جي سلامتي جو بنياد آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری