اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس جي رول 15 اي تحت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو لاڳو قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي نه ٿيندو. اهڙي طرح سزائن ۾ گهٽتائي جو لاڳو زنا?? چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين کانسواءِ مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه ٿيندو. غيرملڪي ??اڻ??و ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ??اڻ??ن تي به سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه ٿيندو. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا اهڙا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪ??ٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪ??ٽي چڪيون آهن انهن تي سزائن ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر ??اڻ??و جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪ??ٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.
صدر پاران پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری