اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽرن ۽ فزيشنز تي زور ڏن?? ته اهي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ تيز ترين تبديلين مان فائدو کڻن، تازي دور ۾ ميڊيڪل سائنس وڏ?? تبديلين مان گذري رهي آهي ۽ وقت سان گڏ ٽيڪنالاجي جي ترقي سان ميڊيڪل سائنس ۾ تحقيق ڪرڻ گهٽ خرچ ۽ آسان ٿي ويو آهي. هن چي?? ته ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي ??يمارين جي صحيح تشخيص جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي ??ستعمال ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي ته انساني خلين ۽ جينز جي تجزيي سان بيماريون لڳڻ کان اڳ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي آهي، تنهن ڪري شاگردن کي معلومات ياد رکڻ بدران ان جو تجزيو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر ڪ??ليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي تعليم جي شعبي جي قائم ڪيل معيار کي مثالي قرار ڏنو ۽ چي?? ته هن پاڪستان ۾ ڊينٽسٽري جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پڻ نمايان قدم کنيا آهن.
ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ