اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ ڀارت ڪالهه سومر ڏينهن سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب فهرستن جي مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پا??ست??ن حڪومت پا??ست??ن ۾ قيد 231 ڀارتي قيدين (47 سويلين قيدي ۽ 184 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد پا??ست??نين جي فهرست پا??ست??ني هائي ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ 418 پا??ست??ني (337 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) قيد آهن. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي ??ور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پا??ست??ني قيدين کي آزاد ??ري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ??ري چ??ا آهن ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي آهي. بيان ۾ 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ ۽ 77 سول قيدين تائين خصوصي قونصلر پهچ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت پاران سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز