اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان ??ي گهري ڳڻتي آهي، اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس پاران ??اري ٽوئيٽ موجب نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل جو غزه ۾ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تهذيب جي سمورن اصولن جي خلاف ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته تشدد جي خا??مي کي فلسطيني سرزمين تي سالن جي ڏاڍ ۽ غيرقانوني قبضي ۽ ان ??ي عوام جي خلاف جابراڻي پاليسين جي ڏس ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهيريل غزه تائين فوري طور تي گ??رب?? امدادي سامان ??ي چرپر جي لاءِ محفوظ ۽ غيرمحدود انساني لنگهه کولڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ??زه جي تيزي سان ??راب ٿيندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ان ??ي ميمبر ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 18 آڪٽو??ر ??ي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزه جي ماڻهن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏيندو.
پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات