اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب روات ۾ ريڊيو پاڪستان جي ڊي آر ايم 1000 ڪلو ??اٽ ڊيجيٽل ميڊيم ويو ٽرانسميٽر هڻڻ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو منصوبو ريڊيو پاڪستان ۾ انقلاب آڻيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار موجب بڻائيندي جيڪو ان جي معيار ?? پهچ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اسان جي مشن ۾ اهم سنگ ميل آهي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ٽرانسميٽر هڻڻ ۽ شروع ٿيڻ کانپوءِ ريڊيو پاڪستان جي نشريات کي ڪيترن ئي ٻين ملڪن تائين وسعت ڏيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالا??ي ٽرانسميشن کي چار مختلف سگنلز جي قابل بڻائيندي، ان سان توانائي جي بچت ٿيندي جڏهن ته بجلي جي استعمال ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي جيڪو ريڊيو پاڪستان جي لاءِ لاڳت ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي به خوشي ٿي رهي آهي ته اطلاعات واري وزارت روات ۾ پاڪستان جو پهريون ميڊيا سٽي قائم ڪرڻ تي ڪم شروع ??ري ڇڏيو آهي.
روات ۾ ريڊيو پاڪستان جي منصوبو ريڊيو پاڪستان ۾ انقلاب آڻيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado