اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) اين ڊي ا??م اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي اڳو??ڻي??َ ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آرمي سينٽرل جي وفد ملاقات ڪئي. اين ڊي ا??م اي جي چيئرمين پاڪستان کي درپيش خطرن، ڊزاسٽر مئنجمينٽ، آئوٽ لُڪ ۽ـ اين ڊي ا??م اي جي ڍانچي، بين الاقوامي ا??داد ۾ ان جي ڪردار جو جائزو پيش ڪيو. ان موقعي تي عربي سمنڊ مان اُٿندڙ سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي جاري صورتحال ۽ پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ طوفان جي پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تيارين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته موسمياتي لحاظ کان لچڪ ۽ موافقت جي روشنيءَ ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ ان جي ڪوششن کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي جڏهن ان پاڻ آفت جو مقابلو ڪندي آزمائش جي وقت ۾ ترڪيه ۽ شام جي مدد ڪئي. جنرل فرينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن کانپوءِ ٿيل نقصانن جو انتظام ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هڪٻئي جي تجربن مان مشغوليت ۽ تعاون جي مستقبل جي ا??ڪانن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آگسٽ ۾ ٿيندڙ ٻه طرفي مشقن گيمبٽ ايڪسرسائزز سان ڊزاسٽرمئنجمينٽ جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. ٻنهي ڌُرين گڏيل ماحولياتي تحفظ جي معياري پروٽوڪول جي عالمگير اطلاق ۽ هنگامي حالتن ۽ بحران دوران ترقي يافته ملڪن جي تخفيف جي سانچن جي ڪامياب انتظام کي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
اين ڊي ايم اي جي چيئرمين سان ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي اڳواڻيءَ ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آرمي سينٽرل جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج