اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي، هو سمجهي ٿو ته ڪير ان کان پڇي نه ٿو سگهي، عمران خان جي گرفتاري قانون موجب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. ”اسڪائي نيوز“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تي ڪرپشن جا الز??م هئا، ان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو ??علق نه آهي، اها گرفتاري نيب جي ۽ قانون موجب هئي. هڪ س??ال تي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، عمران خان کي گرفتار يا خاموش ڪرڻو هجي ها ته اسان 14 مهينا انتظار نه ڪريون ها. عمران خان جي نااهلي بابت س??ال جي جواب ۾ اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان عمران خان کي نااهل ڇو ڪرائڻ چاهينداسين؟ ڪا به جمهوري حڪومت ائين ڇو ڪندي؟ البته عمران خان پنهنجي دور ۾ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ س??ال تي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته عدالتي حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ اهو ان جو آئيني حق آهي ته هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳالهه ڪري. هڪ ٻئي س??ال تي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪو پرامن شهري رستن تي نه هو، رڳو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد موجود هئا جن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.
عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری