راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي الزامن کي من گه??ت ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته ادارو ڪوڙ، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بنا ثبوتن جي انتهائي بي بنياد الزام لڳايا آهن، حاضر سروس فوجي آفيسرن تي بنا ثبوتن جي الزام انتهائي غيرذ??يو??رڻا ۽ بي بنياد آهن، گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيلي جن?? اهلڪارن کي چڙ ڏياريندڙ ۽ سنسني خيز پروپيگنڊا ذريعي سياسي مقصدن لاءِ نشانو بڻايو پيو وڃي، لاڳاپيل اڳواڻن کي چئون ٿا ته هو ڪوڙا الزام لڳائڻ بند ڪن ?? قانوني رستي جو سهارو وٺن. ادارو واضح طور تي ڪوڙن، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی