اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آه??، گڏيل اعتماد، احترام ۽ هم آه??گي جي بنياد تي دوستاڻن رابطن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آه??ون، آمريڪا مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آه??، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي چين ۽ افغانستان جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سان تباهي دستياب وسيلن کان تمام وڌيڪ آه??، ٻوڏ متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آه??ون، هن مشڪل گهڙيءَ ۾ عالمي برادري اسان سان گڏ بيٺل هجي ۽ مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي سفارتي لاڳاپن جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آه??، آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا 75 سالن تي ٻڌ?? آهن، ٻنهي ملڪن جا تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا اعتماد تي ٻڌ?? آهن، آمريڪا پاڪستان کي سڀ کان اڳ تسليم ڪندڙ ملڪن ۾ شام?? آهي، ٻنهي طرفن کان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو رهيو آه??، آمريڪا سان دوستاڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آه??ون، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي چين ۽ افغانستان جي ڏس ۾ نه ڏسڻ گهرجي، آمريڪا مختلف پروگرامن ۽ منصوبن جي ذريعي مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان ۾ بجلي جي شديد کوٽ هئي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف انتهائي مشڪل معاشي حالتن ۾ 5 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، عمران خان جي ڌرڻي جي ڪري سي پيڪ متاثر ٿيو، سي پيڪ منصوبا متاثر ٿيڻ تي عوامي ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو، آمريڪي ڪمپني اهڙين حالتن ۾ 3500 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي ۽ تيز رفتاري ۽ شفافيت سان بجلي جي پيداوار جا منصوبا لڳايا. وزيراعظم چيو ته اسان انهن دوستاڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آه??ون، ماضي کي وساري سنجيده ڳالهه ٻولهه ذريعي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته نيويارڪ ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ پرڏيهي وزير بلنڪن سان ڪارائتي ملاقات ٿي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 53 ملين ??ال?? امداد ۽ همدردي جي اظهار تي انهن جا ٿورا مڃيا، آمريڪي پرڏيهي وزير پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ به ٻوڏ متاثرين جي مدد جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تمام وڌيڪ آه??، پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ آه??، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو سبب بڻجندڙ موسمياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آه??، ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آه??، قدرتي آفت جو اسان ڪنهن کي ذميوار نه قرار ڏيون. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آه??، ماضي ۾ آمريڪا پاڪستان ۾ 32 ارب ??ال?? جي سيڙپڪاري ڪئي، جيڪڏهن منصوبابندي ۽ مناسب نگراني ۾ سيڙپڪاري کي استعمال ڪيو وڃي ها ته اڄ اسان ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلايون ها، پاڪستاني هڪ مضبوط قوم آه??، هتان جا ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ محنتي آه??، اسان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان پاڪستان ۾ 4 ملين ايڪڙ تي بيٺل ڪپهه، چانور، ڪمند ۽ کجور جا فصل تباهه ٿي ويا آه??، 400 ٻارن سميت 1600 ماڻهو فوت ٿيا، 10 لک کان وڌيڪ گهر تباه?? ۽ ??کين چوپايو مال مري ويو آه??، ٻوڏ متاثرين خيمن ۽ کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آه?? ۽ ا??ي امداد جا منتظر آه??. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري آه??، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آه??ون جڏهن ته تباهي دستياب وسيلن کان تمام وڌيڪ آه??، ٻوڏ متاثرين جي طلب ۽ پهچ ۾ واضح طور تي فرق موجود آه??، اڃا ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جو مرحلو باقي آه??، چاهيون ٿا ته عالمي برادري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ اسان سان گڏ بيٺل هجي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ مدد ڪري، زراعت، انڊسٽري ۽ ٻين شعبن جي بحالي ۾ معاونت ڪئي وڃي، اسان رقم نه عوام جي بحالي لاءِ قدم چاهيون ٿا.
آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري حصيدار آهي، گڏيل اعتماد، احترام ۽ هم آهنگي جي بنياد تي دوستاڻن رابطن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو