اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعو??ي عرب جو دورو عرب مثالي د??ست?? جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو، چئن سالن جي گهٻراهٽ واري دور کانپوءِ پاڪستان جي د??ست?? جي محفل وري آ??اد ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي محسن ۽ سعو??ي عرب جي ولد عهد شهزاده محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف اڄ خميس تي حجاز مقدس روانو ٿي رهيو آهي ۽ مدينه منوره پهچندو، هن چيو ته 28 کان 30 اپريل جو اهو دورو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد شهباز شريف جو پهريون غير ملڪي دورو آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن جي تجديد جو مظهر آهي ۽ مثالي د??ست?? جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو. هن چيو ته چئن سالن جي گهٻراهٽ جي دور کانپوءِ پاڪستان جي د??ست?? جي محفل وري آ??اد ٿيڻ وڃي رهي آهي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جو ٻيهر آغاز مبارڪ هجي، عمره جي سعادت ۽ روضه رس??ل پاڪ ﷺ تي درود پڙهڻ جون برڪتون اسان سان گڏ هونديون، سعو??ي عرب پاڪستان د??ست?? هميشه زنده باد.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو تاريخي باب کوليندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena