لاهور – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان ۾ مديني جي رياست وانگر قانون جي بالادستي، ميرٽ ۽ انسانيت جي ڀلائي تي ٻڌل رياست جو تصور کڻي اچي رهيا آهيون، خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان آهي، ملڪ ۾ تعميرات جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا موقعا، غربت جو خاتمو ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، بئنڪن پاران گهرن جي ل??ءِ مورگيج جي سهولت جي فراهمي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ل??ءِ عدليه سميت سمورن ادارن جي تعاون جو ٿورائتو آهيان، ايڪهين صدي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ل??ءِ نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻو پوندو. هو نئون پا??ستان اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي حڪومت پنجاب، وڏي وزير، وزيرن ۽ مختلف ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان سڀني جي سامهون آئون پنهنجي خوشي جوا ظهار ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان اڄ جنهن مقام تي پهتا آهيون ان ل??ءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي، ”فور ڪلوزر“ قانون منظوري ۾ ٻه سال لڳا، ان جي ل??ءِ عدليه جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، جيڪڏهن هو مدد نه ڪري ها ته قانون منظور نه ٿئي ها، ڪيترن ئي سالن کان اهو قانون التوا ۾ هو، ان قانون جي منظوري کانپوءِ بئنڪ هاڻي مورگيج جي سهولت ڏئي رهيو آهيون، وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۾ ڪل آبادي جي 0.2 سيڪڙو جي شرح سان مورگيج جي سهولت ڏني پئي وئي جڏهن ته اولهه، آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ اها شرح 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ روڪ رقم نه آهي ته هو نه پنهنجو ??هر خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ??هر ٺاهي سگهي ٿو، دنيا ۾ ان جي ل??ءِ بئنڪون قرض فراهم ڪنديون آهن جيڪو پئسو مسواڙ جي مد ۾ ويندو آهي اهو ??هر جي قسطن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اهو ??هر ان ماڻهو جي ملڪيت بڻجي ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته ان سان هر ماڻهو وٽ هڪ موقعو ميسر آيو آهي ته هو قسطون ڏئي پنهنجو ??هر حاصل ڪري سگهي، ان منصوبي کي عملي جامو پارائڻ جي ل??ءِ ايل ڊي اي، بئنڪن سيڪٽر، عدليه سميت سمورن ادارن ڀرپور تعاون ڪيو.
پاڪستان ۾ مديني جي رياست وانگر قانون جي بالادستي، ميرٽ ۽ انسانيت جي ڀلائي تي ٻڌل رياست جو تصور کڻي اچي رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores