اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي ميمبرن ڪرتار پور سرحد کي سک برادري لاءِ ک??لڻ جي فيصلي کي س??و سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني قيادت ان مثبت فيصلي سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ سنجيده آهي، ڀارت هٺ ڌرمي بدران ڪشمير سميت ٻين مسئلن تي پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر فاروق اعظم ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرتار پور بارڊر کي سکن لاءِ ک??لڻ ۽ کين عبادت لاءِ گوردواره درٻار صاحب تائين پهچ ڏيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان امن جي ڪوششن لاٰءِ سنجيده آهي.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔