اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي عوام کي ??حت لا??ِ محفوظ کير سميت کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته معياري مصنوعات جي تياري اولين ترجيح هجڻ گهرجي، حڪومت لا??يو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي، وڌندڙ آبادي سان گڏ صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، آبادي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکي ??رعي پيداوار وڌائڻ لا??مي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”محفوظ کير تي قومي مڪالمي“ کي ??طاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي حصيداري سان ڪيو هو. تقريب ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام، خاتون اول بيگم ثمينه عارف عل??ي، پنجاب فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين عمر تنوير ۽ پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان پنهنجي ٻارن جي صحت سان ٺاهه نه ٿا ڪري سگهون، کير ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، کير کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي طريقا لاڳو آهن. صدر چيو ته قومي مڪالمي کي ??طاب ان لا??ِ اعزاز جو سبب آهي، آبادي وڌيڪ هجي ته حڪومت جون ڪيتريون ئي ترجيحون هونيون آهن، وڌندڙ آبادي سان صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته آبادي ۾ اضافي جي ڪري زرعي پيداوار وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت لا??يو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي ۽ اڳتي به پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي تجويزن تي غور ڪنداسين. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته ملاوٽ هڪ خراب ڪيفيت آهي، معياري ۽ ملاوٽ کان پاڪ شين جي ماڻهن کي فراهمي لا??مي آهي. ٻارن، جي اسٽنٽنگ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي مسئلي ي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ماءُ جو کير سڀ کان محفوظ ۽ ضروري اهي، ٻارن کي ??ڏهن مناسب غذا نه ملندي ته ان جو وزن نه وڌندو، کير انهن جي لاءِ هڪ مڪمل غذا آهي، ٻار جي لاءِ ماءُ جي کير کان بهتر ڪا خوراڪ نه آهي، بهتر صحت جي لاءِ احتياط ۽ پرهيز تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ان مقصد جي لاءِ عوام کي ??گاهي ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت پڻ مختلف پروگرامن سان ماڻهن کي ??گاهي ڏني وئي، اسان احتياط ذريعي بيمارين جو تدارڪ ڪري سگهون ٿا.
عوام کي صحت لاءِ محفوظ کير سميت کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea