ميڊرڊ – 11 جنوري (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يون??ن ميمبر ملڪن سان بامقصد حصيدار?? جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي اعزاز ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي. آجياڻ?? جو اهتمام پاڪستان هائوس ميڊرڊ اسپين ۾ ڪيو ويو. اسپين ۾ پاڪستان جي سفير شجاعت راٺوڙ به پ??ڏ??هي وزير سان گڏ هو. ٿنڪ ٽينڪ، جرنلسٽ ۽ ماهر، دفاعي ۽ عالمي معاملن سميت، مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. پرڏ??هي وزير ان موقعي تي چيو ته پ??ڪستان اسپين کي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي حوالي سان انتهائي اهميت وارو سمجهي ٿو، اسان جي حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان جي 200 ملين آبادي تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ سيڙپڪاري ۽ واپار جا ميسر وسيع موقعن طرف ڏياري رهيا آهيون، پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يون??ن ميمبر ملڪن سان گڏ بامقصد حصيدار?? جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پ??ڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، افغانستان ۾ قيام امن سان علائقائي رابطن کي فروغ ملندو جيڪو اسان جي اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پ??ڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن، تيزي سان بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ عام راءِ هموار ڪرڻ ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهي ڏيڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار بنيادي اهميت جو حامل آهي، معزز مهمانن پرخلوص ميزباني تي پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? جو ٿورو ادا ڪيو.
پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ