اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هن وقت ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج فيڪ نيوز آهي، خبر پکيڙڻ جا ذريعا وڌيڪ هجڻ ??ان فيڪ نيوز جو مسئلو شروع ٿيو، ڀارت ۾ 785 اهڙيون ويب سائيٽس آهن جيڪي پاڪستان جي خلاف فيڪ نيوز پکيڙي رهيون آهن، ڀارت مينار پاڪستان واقعي کانپوءِ پاڪستاني معاشري تي اجائي تنقيد ڪئي، پهرين دورن ۾ خبر ملڻ مشڪل هو، هاڻي سچي ۽ ڪوڙي خبر ۾ فرق ڪرڻ مشڪل آهي، اظهار راءِ ج?? آزادي جي حوالي ??ان عالمي سطح تي قانون ٺاهڻا پوندا، فيڪ نيوز جي باري ۾ ميڊيا جي اندر مباحثو ضروري آهي، خبر ڏيندڙن جي صحيح تربيت هجڻ گهرجي، هڪ ذميدار ميڊيا ئ?? آزاد ميڊيا هوندو، ميڊيا جيڪڏهن ذميدار نه آهي ته آزاد نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب نيوز جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج فيڪ نيوز آهي، پهرين خبر پکيڙڻ جا ذريعا محدود هئا، ماڻهن کي اصل خبر تائين پهچڻ ۾ وقت لڳندو هو پر هاڻي خبر پکيڙڻ جا ذريعا وڌيڪ ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري فيڪ نيوز جو به مسئلو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آيو ته خبر پکيڙڻ جا ذريعا به وڌندا ويا، هاڻي فيڪ نيوز ۽ اصل خبر ۾ توازن پيدا ڪرڻ جو مسئلو درپيش آهي جيڪو موجوده دور ۾ ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، هن چيو ته ميڊيا ۾ فيڪ نيوز جو بحران ٽيڪنالاجي جي ڪري آهي، جهڙي طريقي ??ان ٽيڪنالاجي وڌي، فيڪ نيوز جي حوالي ??ان اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت ۾ به اضافو ٿيو، وفاقي وزير چيو ته خبر ڏيندڙن جي تربيت ضروري آهي ته جيئن هو اصل ۽ جعلي خبر ۾ فرق ڪري سگهن. چوڌري فواد حسين چيو ته تازو ئي پينڊورا ليڪس جو معاملو سامهون آيو ته سو??ل ميڊيا تي پي ٽي وي جي بينر ??ان هڪ فيڪ نيوز جاري ٿي جنهن ۾ هڪ سياستدان جي صاحبزادي جي آف شور ڪمپنين جو ذڪر ڪيو ويو، اها خبر پرائيويٽ ميڊيا بنا ڪنهن تصديق جي هلائي ڇڏي جيڪا تيزي ??ان هر جاءِ تي پهتي، هن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ صدر اوباما 2013ع ۾ چيو هو ته جديد دور ۾ حڪومتن کي سڀ کان وڏو چئلينج فلو آف انفارميشن جو آهي ڇو ته ان کي پارٽين، حڪومتن ۽ ملڪن جي خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي، هن ٻڌايو ته ڀارت غير سياسي واقعن کي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو، ڀارت 785 ويب سائيٽس جي ذريعي پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ڪيو، غلط خبرون هلايون، اهي ويب سائيٽس ڀارت جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي اين آءِ ??ان لنڪ هيون ۽ اها هندستان جي وڏن چئنلز ??ان لنڪ هئي. انهن جو ڪم صرف پاڪستان جي باري ۾ فيڪ نيوز جنريٽ ڪرڻ هو ۽ هاڻي به اهڙو ئي ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسلام آباد ۾ نور مقدم ڪيس ۽ لاهور ۾ مينار پاڪستان واقعي جو سياست ??ان ڪو به لاڳاپو نه هو پر هڪ ڀارتي ويب سائيٽس صرف اهو ٻڌائڻ جي لاءِ ته پاڪستان ۾ عورتون ڪ??تر??ون غير محفوظ آهن، ان تي 175 ويڊيوز تيار ڪيون، انهن واقعن تي لکين ٽوئيٽس ٿيا، سو??ل ميڊيا تي خبرون هليون، ڪجهه پاڙيسري ملڪن جي انٽيلي جنس نيٽ ورڪ کان کين سپورٽ ملي، ا??ان جو پنهنجو ميڊيا به ان ۾ شامل ٿي ويو، هن چيو ته دهلي ۾ ريپ ڪيس ٿيو، هندستان چوڻ شروع ڪ??ي ڇڏيو ته اهو صرف دهلي ۾ نه هر جاءِ تي ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1996ع ۾ ڀارت ۾ اجيت دوول ڪشمير جي جدوجهد کي انتهاپسندي ??ان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، هن هڪ فيڪ واقعو جوڙيو جنهن ۾ ڪجهه غير ملڪي سياحن کي اغوا ڪيو ويو ۽ ان جو الزام ڪشميري حريت پسندن تي لڳايو ويو، ان کانپوءِ هڪ مهم شروع ڪ??ي وئي جنهن ۾ ڪشمير ج?? آزادي جي تحريڪ کي اسلامڪ دهشتگرد تنظيمن ??ان جوڙيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته خبر کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو وڃي ته اصل ۽ جعلي خبر ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، ان باري ۾ صحافين جي تربيت هجڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن هو 2018ع ۾ اطلاعات جو وزير بڻيو ته ا??ان جو ڊجيٽل ميڊيا ا??تر?? مضبوط نه هو، هن ٻڌايو ته هو 2015ع کان پي ٽي آءِ جي سو??ل ميڊيا جا معاملا ڏسي رهيو هو، ا??ان وٽ پي ٽي آءِ ۾ سو??ل ميڊيا جا ماڻهو حڪومت کان گهڻا اڳتي هئا، ا??ان پنهنجي سو??ل ميڊيا کي جديد بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، هاڻي الحمد الله ا??ان جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ جو مقابلو ڪنهن به عالمي ڊجيٽل ميڊيا ??ان ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ا??ان سرڪاري خابرو اداري اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪيو، هن ٻڌايو ته افغانستان ۾ تازي بحران جي دوران ڪ??تر??ون ئي متضاد خبرون اچي رهيو هيون، ان وقت کان ا??ان ڪوشش ڪئي ته قومي ۽ عالمي ميڊيا تي اصل صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي، هاڻي به ا??ان جي اها ئي ڪوشش آهي، هن چيو ته عالمي سطح تي ڪجهه قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ اظهار راءِ ج?? آزادي ??ان گڏوگڏ ذميداري جو عنصر به شامل هجڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا ۽ برطانيه سميت يورپي يونين آن لائن سيڪيورٽي رولز متعارف ڪرايا آهن، آمريڪا جي اندر نئين قانونسازي ٿي آهي، ا??ان کي ان طرف اڳتي وڌڻو پوندو، هن چيو ته ميڊيا جي اندر فيڪ نيوز تي ا??تر?? بحٿ ناهي ٿيندو ج??تر?? ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته عرب نيوز ان اهم موضوع جي چونڊ ڪئي آهي جنهن تي ان جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ميڊيا کي فيڪ نيوز جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ذميداري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، هڪ ذميدار ميڊيا ئ?? آزاد ميڊيا هوندو، ميڊيا جيڪڏهن ذميدار ناهي ته آزاد نه آهي. هن چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي ??ان اڃان تائين حڪومت ئي حل سامهون آندا آهن اصل حل ميڊيا جي اندر کان ايندو ته ڪهڙي طرح فيڪ نيوز کي منهن ڏنو وڃي.
ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج فيڪ نيوز آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ