اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير برنارڊ چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي جي لاءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جنهن کي آمريڪا سميت عالمي برادري تسليم ڪيو آهي، افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت امن ۽ استحڪ??م جي لاءِ تمام ضروري ??هي. پريس ريليز موجب هن چيو ته آمريڪا ۽ عالمي برادري پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪيو آهي ۽ جرمني به ان مثبت ڪردار کي ساراهي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مستقبل ۾ به افغانستان ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان طالبان کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو افغانستان ۾ هڪ اتحادي حڪومت جوڙين. هن چيو ته پاڪستان کي خطي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪردار جو چڱي ريت اندازو ??هي. جرمن سفير چيو ته ڪابل ۾ سڀني ڌڙن تي ٻڌل هڪ ٺوس حڪومت هن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪ??م جي لاءِ تمام ضروري ??هي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ڪردار بابت هڪ سوال تي جرمني جي سفير چيو ته انهن مان ڪو به افغانستان ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي ڇو ته اهو سياسي تباهي جو ڪارڻ ثابت ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ملڪن جا مفاد ۽ تناظر مختلف آ??ن جيڪي قابل فهم آهن پر سڀ حقيقي معنيٰ ۾ سمجهن ٿا ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سڄي خطي جي مفاد ۾ ??هي. جرمني جي پرڏيهي وزير هيڪوماس جي تازي پاڪستان جي دوري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ سفير چيو ته سندس دورو پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن ۽ خطي ۾ جاري صورتحال ??شم??ل افغانستان بابت هو.
افغانستان ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي جي لاءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: جرمن سفير
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ