اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سريلنڪا جي مشهور ٻڌ ڀڪشوئن جي 11 رڪني وفد ملاقات ڪئي آهي. اهو وفد حڪومت جي دعوت تي پ??ڪس??ان جي دوري تي آيل آهي. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي پ??ڪس??ان ۽ سريلنڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطي ۽ بين المذاهب هم آهنگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پ??ڪس??ان جي شاندار گنڌارا تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته پ??ڪس??ان کي دنيا ۾ ٻڌهن جي سڀ کان مقدس ماڳن کي سارسنڀال ڪرڻ تي فخر آهي، پ??ڪس??ان ۾ سڄي دنيا کان سياح مذهبي ماڳن جي زيارت لاءِ ايندا آهن، هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ بي مثال قدرتي حسن سان مالا مال ۽ تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ آهن، وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت ٻڌهن جي مقدس ماڳن جي حوالي سان هڪ ٽريل بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي ذريعي هو پنهنجي مقدس ماڳن کي زيارت ڪري سگهندا، هن چيو ته ان ٽريل سان جديد سه??لت??ن فراهم ڪيون وينديون جنهن سان سڄي دنيا مان ايندڙ ٻڌ زائ??ين کي پنهنجي مقدس ماڳن جي زيارت ڪرڻ ۾ سهولت حاصل ٿيندي، وفد حڪومت طرفان ان منصوبي ۽ پ??ڪس??ان م ٻڌهن جي مذهبي ماڳن ۽ آثار قديمه جي بحالي ۽ رنگ روغن کي ساراهيو، وفد چيو ته پ??ڪس??ان سڄي دنيا جي سياحن ۽ زائ??ين لاءِ پرڪشش ملڪ آهي، وفد سريلنڪا سان پ??ڪس??ان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن، تعاون ۽ يڪجهتي کي ساراهيو.
وزيراعظم سان سريلنڪا جي ٻڌ ڀڪشوئن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب