اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم ج?? ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاشن تي سياست ڪري رهيا آ??ن، مخالف ڌر هڪ دردناڪ واقعي کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم جار?? ڪيا آ??ن ته هو واقعي جي ذميدارن جو پتو لڳائين ۽ انهن ک?? ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيند?? ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر مڇ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا سياسي يتيم ڪنهن جي لاءِ اتي ويا آ??ن،عوام پي ڊي ايم ۽ ان جي بياني کي رد ڪري چڪي آهي، اهي ماڻهو لاشن تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آ??ن، هن چيو ته ان کان اڳ بلوچستان ۾ 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، ان تي مخالف ڌر اڳواڻن ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، ماڊل ٽائون واقعي ۾ مريم نواز جو چاچو مل??ث هو، ان وقت سندس والد نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هو پر ماڊل ٽائون جي واقعي دوران کيس متاثرين جي ياد نه آئي، هاڻي اهي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هزاره برادري سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاشن تي سياست ڪري رهيا آ??ن.
پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری