اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪن بزنس ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد موجوده حڪومت جي طرفان ڪاروباري ب??اد??ي جي لاءِ سهولتون خاص طور تي ايز آف ڊوئنگ بزنس جي حوالي سان ڪيترن ئي قدمن کي ساراهيو، وفد ۾ موجود مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ??نه??جي ڪمپنين جي ڪاروبا??ي سرگرمين ۽ لاڳاپيل معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو، وفد جي ميمبرن چيو ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ٿي آهي ۽ اهي ??نه??جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي، ڪاروباري طبقي جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان وفد مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون، وزيراعظم وفد کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاروباري ب??اد??ي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، منافع بخش ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا جي فر??همي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
وزيراعظم سان آمريڪن بزنس ڪائونسل جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز