بيجنگ – 26 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان، چين ۽ افغانستان وچ ۾ ٽه ڌري قيام جي نظام سان ٻه طرفي ناتن کي استحڪام ملندو، جڏهن ته اختلاف ختم ڪرڻ ۽ ٺوس نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ مربوط ڪوششون استع??ال ڪري سگهبيون. اهو فورم افغانستان ۾ جٽادار امن جي قيام ۽ ٽنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. اهڙو ??ظهار هن پاڪ چين افغان پرڏيهي وزيرن جي پرڏيهي ڊائلاگ ۾ شرڪت بعد چيني پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ افغان پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي ڪيو. خواجه آصف چيو ته معيشت، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خ??تمي ۽ مواصلاتي رٿابندي جي سهڪار، ٽنهي ملڪن ۾ امن، استحڪام، اقتصادي خوشحالي ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک