اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم آفيس مردان ڪورٽ ڌماڪ?? جي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۽ اهڙا چار منصوبا ناڪام بڻائڻ تي انٽيليجنس ايجنسين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مردان ڪورٽ واقعي ۾ ملوث 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، 2 سيپٽمبر تي مردان واقعي ۾ 14 معصوم شهري شهيد ٿيا هئا، جاچ دوران دهشتگردن جا چار وڌيڪ منصوبا بي نقاب ٿيڻ سان سوين قيمتي جانيون بچي ويون.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام