استنبول-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آذربائيجان جي گهرو معاملن واري م??لڪ??ي وزير عليوف عصمت راشد ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وزيرن وچ ۾ گهڻ رخي ڀائراڻن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن معاملن کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ٿيون. آذربائيجان جي م??لڪ??ي وزير ڪجهه ڏينهن اڳ اتر عربي سمنڊ ۾ 145 ملين ڊالرن جي ماليت جي 2400 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪرڻ جي پاڪ بحريه جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيو. م??لڪ??ي وزير، محسن نقوي جي قيادت ۾ پاڪستاني عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن استنبول انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ پاڪستاني پويلين جو دورو به ڪيو، هن پاڪستاني پويلين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز جا جديد اوزار ۽ مشينري ڏٺي ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ??اء?? وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وزيرن گڏيل ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ انساني اسمگلنگ جي رو??ٿام، بارڊر مينيجمينٽ ۽ منشيات جي رو??ٿام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيرن گڏيل سهڪار کي پائيدار بنيادن تي هٿي ڏيڻ ??اء?? مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آذربائيجان جي م??لڪ??ي وزير کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جڏهن ته آذربائيجان جي م??لڪ??ي وزير، وفاقي وزير محسن نقوي کي باڪو جي دوري جي دعوت ڏني. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ??اء?? ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آذربائيجان جي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ