اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ بي مثال آهن، ٻنهي ملڪن جي دوستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر عوامي سطح تي پڻ آهن، چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو غير مشروط ساٿ ڏنو، 75 سالن ۾ جيڪي ڪاميابيون ماڻيون آهن اهي ڌرتيءَ تي مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪال??ه چائينا ميڊيا گروپ طرفان چين جي قومي ڏهاڙي جي مناسبت سان پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ شاندار ثق??فتي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ ٻن ملڪ?? وچ ۾ اهي مثالي لاڳاپا آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي، اها دوستي نه صرف حڪومتي سطح جي آهي پر عوامي سطح جي پڻ آهي. هن چيو ته چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو غير مشروط ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته چين چئن ڏهاڪن ۾ 80 ڪروڙ عوام کي غربت مان نجات ڏياري هڪ منفرد مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان چين وانگر پنهنجين پاليسين ۾ تسلسل پيدا ??ري ۽ سڌارا متعارف ڪرائي ترقيءَ جي سفر تي گامزن ٿي سگهي ٿو. قومي ثق??فت ۽ ورثي بابت اڳوڻي وفاقي وزير سيد جمال شا??ه چيو ته چين پنهنجي نوجوانن تي خاص ڌيان ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ بيحد ڪامياب آهن. اڳوڻي سفير حسن جاويد چيني عوام کي سندن ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي ترقي جو مثال نٿو ملي جيڪو چين 40 سالن ۾ حاصل ڪيو. تقريب دوران توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس لغاري، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وڊيو پيغام ۾ چيني عوام کي سندن قومي ڏهاڙي تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب دوران سي جي ٽي اين اردو طرفان تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي جنهن ۾ چين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جا ثق??فتي رقص ڪيا ويا، جڏهن ته وڻندڙ چيني ثق??فتي رقص جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو. تقريب جي پڄاڻي گلوڪاره ڊاڪٽر مبشره حفيظ طرفان پيش ڪيل موسيقيءَ تي ٿيو، جنهن سان شرڪت ڪندڙ لطف اندوز ٿيا.
پاڪ چين لاڳاپا دنيا ۾ بي مثال آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن