اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلطانت عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن مسقط جي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي ٿيندڙ تازي دهشتگرد حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هر قسم جي دهشتگر??ي کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم دهشتگر??ي کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ عمان جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. هن ميتن ج?? پاڪستان واپسي ۽ عمان جي اسپتالن ۾ پاڪستاني زخمي شهرين جي سارسنڀال ۾ عمان جي ت??او?? کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي ت??او?? کانسواءِ عوام جي مٽاسٽا تائين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن هفتي جي آخر ۾ عماني سيڙپڪارن جي هڪ وفد ج?? پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪئي جيڪو گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي ت??او?? جي شعبن کي ڳولڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قيادت ۽ پرڏيهي وزارت جي سطح تي دورن جي مٽاسٽا تي ??صو??ي طور تي اتفاق ڪيو ويو جنهن جي لاءِ سفارتي ذريعن سان گڏيل طور تي مناسب تاريخن کي طئي ڪيو ويندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي عمان جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria