اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ ت??ليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر اٽلي جي سفير ماريليا آرميلن وزيرا??ظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اطالوي سفير جي آجيان ڪندي وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان اٽلي سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سدائين خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ڪيترن ئي اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي ملندڙ مبارڪباد واري پيغام تي اطالوي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيرا??ظم ايندڙ ڏينهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اٽلي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي وزيرا??ظم اٽلي جي وزيرا??ظم جارجيا ميلوني کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن وزيرا??ظم ميلوني جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انهن پاليسين کي ساراهيو جن اٽلي کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيرا??ظم زور ڏنو ته ٻئي ملڪ ت??ليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. ه?? سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جي ميزباني ڪرڻ تي اٽلي جا ٿورا مڃيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اطالوي سفير وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته اٽلي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.
پاڪستان ۽ اٽلي تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری