اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بنا شڪ جي اقبال جي شاعري ۽ فلسفي ۾ اولين مخاطب مسلمان هئا پر سندس فڪر آفاقي ۽ همه گير آهي ۽ سندس پيغام سڄي دنيا جي انسانن ل??ءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ”فڪر اقبال ايڪهين صدي جي روشني ۾ عالم اسلام جي ٻن عظيم شاعرن اقبال ۽ محمد عاڪف“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ??ند?? ڪيو. تعليم واري وفاقي نگران وزير چيو ته فڪر اقبال ۾ اڄ جي مسئلن جو حل موجود آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي ل??ءِ اقبال جي سياسي فڪر کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي نالي سان منسوب هن يونيورسٽي ۾ فڪر اقبال تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ نه رڳو سڄي پاڪستان مان دانشور ۽ اقبال شناس شرڪت ڪري رهيا آهن پر مصر، ايران ۽ ترڪيه جا صاحب دانش به هتي موجود آهن، اقبال تي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. ڪانفرنس جو بندوبست اقباليات واري ش??بي يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي تعاون سا?? ڪيو آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي يونيورسٽي انهن يونيورسٽين مان آهي جنهن ۾ اقبال جي فڪر ۽ شاعري کي سمجهڻ، اقبال جي تعليم کي واڌ ويجهه ل??ءِ اقباليات شعبو ٺهيل آهي. هن چيو ته اسان هن ش??بي جي ذريعي علامه اقبال جو پيغام نوجوانن تائين پهچائيندا آهيون. هن چيو ته نئين نسل جي تربيت ل??ءِ فڪر اقبال سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اقبال جي تعليم ۾ نوجوان نسل جي تربيت جي فڪر کي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
اقبال جو پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي: وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون