اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير م??تضيٰ سو??نگ?? چيو آهي ته هاڪي فيڊريشن جي اڳوڻي صدر جو معاملو عدالت اڪلائي ڇڏيو آهي، پي ايڇ ايف جي نئين چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اميد آهي ته جلد چونڊون ڪرايون وينديون. سين??ٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر م??تاق احمد جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير م??تضيٰ سو??نگ?? چيو ته هاڪي فيڊريشن جو صدر چار سالن جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو، برگيڊيئر (ر) محمد خالد سجاد کوکر قانون موجب ٻه ڀيرا ئي صدر بڻجي سگهيو پئي، ان جا اهي ٻئي دور مڪمل ٿي چڪا آهن، ان لاء?? حڪومت کيس عهدي تان هٽايو ته هن عدالت سان رجوع ڪيو ته عدالت به ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، حڪومت هاڪي فيڊريشن جي ٻيهر چونڊن جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون