ڪراچي – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، نگران حڪومت چونڊن جي لا??ِ ماحول سا??گار بڻائيندي، ميڊيا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي، چونڊن ۾ عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لا??ِ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ?? شفاف چونڊون ڪرائڻ، چونڊ ع??ل دوران ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته آئين موجب پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏينداسين، ڪنهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو، سمورين سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته ميديا چونڊن دوران اليڪشن جي مختلف مرحلن جو حصو هوندي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن جي لا??ِ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته چونڊن ۾ مستنند رپورٽنگ سڀ کان اهم آهي ته جيئن عوام تائين صحيح معلومات جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
صاف، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی