اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپي??ل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپي??ل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي م??ڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن اسپي??ل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي اسپي??ل اولمپڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستان جي اسپي??ل اولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي م??بت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصوصي م??ڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن م??جب نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپي??ل اولمپڪس راندين جي ميدان ۾ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان جي اسپي??ل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذهني م??ذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پاڪستان جي اسپي??ل اولمپڪس ٽيم ميڊلز کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.
صدر پاران اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ