اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته ميڊيا تي پ??بندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن جو عالمي سطح تي به اعتراف ٿي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان جي مٿي تي لڳل ”ميڊيا پريڊيٽر“ جو بدنما داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پ??ي وڃي. عمران ميڊيا پريڊيٽر جو ڪيل چار سا??ن جو گند آهستي آهستي صاف ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان جي عوام ۽ ميڊيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ هڪ سا?? دوران ميڊيا جي حوالي سا?? اڳڀرائي ٿيڻ خوش آئنده آهي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ کانپوءِ ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ بهتري جي هڪ ٻي نيڪ نامي پ??ڪستان کي ملي. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته راءِ جو اظهار ۽ صحافت جي آزادي جي جدوجهد ڪندڙ صعوبتون ۽ ظلم برداشت ڪندڙ صحافين ۽ تنظيمن کي سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي تعاون ۽ رهنمائي ۾ بهتري جو هي سفر جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري اختلاف راءِ برداشت ڪرڻ جو ثبوت آهي. آر ايس ايف جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا بابت جمهوري روين تي قائم آهي. هن چيو ته ست درجا بهتري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جو رخ صحيح ۽ نيت صاف آهي، هي رپورٽ جمهوري عوامي حڪومت ۽ غيرجمهوري مڙهيل حڪومت جي وچ ۾ فرق ٻڌائي ٿي. هن چيو ته انشاءَ الله ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آئيني حقن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ آهي. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته 2022ع ۾ عمران خان کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو ??يو?? ان ڪاري حڪومتي دور جي آخري سا?? ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ ويو. هن چيو ته عمران خان پريڊيٽر جي چار سا??ا دور ۾ پاڪستان پريس فريڊم انڊيڪس ۾ 18 درجا هيٺ ??يو?? جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ رڳو هڪ سا?? دوران پاڪستان جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري آئي.
صحافت جي آزادي جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ست درجا بهتري تي شڪر ادا ڪريُون ٿا، ميڊيا تي پابندي هڻڻ، اغوا ڪرڻ، گوليون هڻڻ، هڏا ٽوڙڻ، لفافائي چوندڙ، غليظ ڪردارڪشيءَ جي مهم هلائيندڙ دور آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ