اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ عي?? ملن جي تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، بي??رو??ريٽس، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ۽ سفارتڪارن هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي انڊونيشيا، جاپان، چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا سفارتڪار موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دوست ملڪن سان گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو. هن سفارتڪارن تي زور ڏنو ته اهي موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان سان ٻطرفي واپاري تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. بعد ۾ سول سوسائٽي جي ميمبرن صدر سان انهن قدمن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي مصنوعي ??ها??ت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ تي صدارتي قدمن تحت مختلف ڪمپيوٽر ڪورسز جي ذريعي روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن جي حوصلا افزائي جي لاءِ کڻي سگهجن ٿا. صدر سينيئر بي??رو??ريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان پڻ ملاقات ڪئي.
صدر سان غيرملڪي سفارتڪارن، بيوروڪريٽس، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ