اسلام آباد – 19– ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌارن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گئس صارفين تي اضافي بار نه وجهڻ جي هد??يت ڪندي چيو آهي ته موثر حڪمت عملي سان ان مسئلي تي ضابطو آندو ويندو، توانائي بچت پلان اڄ اڱاري ڏينهن و??اق?? ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪ??و ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ موجود گردشي قرضن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي هد??يت ڪ??ي ته توانائي جي شعبي ۾ موجود گردشي قرضن کي گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت بهتر پاليسي جي ذريعي 2013ع کان 2018ع ۾ پنهنجي حڪومت جي دور دوران گردشي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلسل محنت ۽ موثر حڪمت عملي سان اڃا به ان مسئلي تي ٻيهر ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هد??يت ڪ??ي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل اهڙي طرح مڪمل ڪيو وڃي ته گردشي قرض ترتيبوار گهٽ ٿي آخرڪار ختم ٿي وڃي. هن چيو ته سوئي گئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي ريڪوري جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪن. هن هد??يت ڪ??ي ته بجلي ۽ گئس جي صارفين تي ڪو اضافو بار نه وڌو وڃي. وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي بلن جي وصولي جي نظام کي به وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هد??يت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هد??يت ڪ??ي ته توانائي جي شعبي جي اوڳاڙين ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، ان مقصد جي لاءِ پهچ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ زيان کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ توانائي بچت پلان جو پڻ جائزو ورتو ويو. اهو پلان اڄ اڱاري ڏينهن و??اق?? ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪ??و ويندو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن کي پڻ گهرايو ويو آهي.
وزيراعظم پاران توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌارن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گئس صارفين تي اضافي بار نه وجهڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز