اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئ??ن جي آرٽيڪل 153 تحت ڏني و??ي ??هي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل وزيراعظم جي سربراهي ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ ٽن نامزد وفاقي وزيرن تي ٻڌل هوندي. ڪائونسل ۾ ٽي وفاقي وزير آرٽيڪل (2) 153 تحت وزيراعظم طرفان نامزد ڪيا ويا آهن. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وارو وزير سيد نويد قمر ۽ ريلوي وارو وزير خواجه سعد رفيق ميمبر طور مقرر ڪيا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی