اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جا قدم نتيجاخيز ثابت ٿي رهيا آهن. هن چيو ته انهن قدمن جي ڪري فيبروري ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو رڳو 0.5 ارب ڊ??لر تائين گهٽ ٿي ويو آهي جيڪو جنوري ۾ 2 ارب ڊ??لر هو. هن چيو ته فيبروري جو ڪرنٽ اڪائونٽ ماهوار خسارو هلندڙ مالي سال ۾ سڀ کان گهٽ خسارو رهيو آ??ي. ??زيراعظم چيو ته ان دوران ماضي ۾ ڪيل سڀ کان وڌيڪ روانگي واپار جي ڀيٽ ۾ فيبروري 2022ع ۾ ر??انگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو جڏهن ته روانگي واپار ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو بنيادي سبب وڏن صنعتي ادارن جي پيداوار ۾ مستحڪم واڌويجهه جي شرح آهي.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات