بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونس??ر وانگ يي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي وزيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قر??شي چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي نوعيت جي آ??ي. ??ن چيو ته امن ۽ خوشحالي جي حصيدار جي حيثيت سان ٻئي ملڪ پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ”ون چائنا پاليسي?? سميت سدائين چين جي بنيادي قومي مفادن جي حمايت ڪئي آ??ي. ??ن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۽ چين ان سلسلي ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا. سي پيڪ جي حوالي سان شاهه محمود قر??شي چيو ته سي پيڪ، بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻئي ملڪ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر آئي جو اعليٰ معياري ترقيات?? منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی