لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي عوام جي جان ۽ م??ل ۽ مفادن جي تحفظ جي لا??ِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڏني جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سول انتظاميه ۽ امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به شريڪ ٿيا. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ م??ل ۽ مفادن جي تحفظ لا??ِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضي مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن