ملتان – 16 8211; آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شا??ه محم??د قريشي چيو آهي ته سمورن ادارن سان مثالي لاڳاپا آهن، حڪومت کان ٻاهر ويٺل ماڻهن جي لاءِ رڳو صبر جي دعا ڪري سگهان ٿا، حڪومت ختم ٿيڻ جي اپوزيشن جي خواهش پوري نه ٿي سگهندي، لولي لنگڙي اپوزيشن کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، آئيني مدو پورو ڪنداسين، اڳيون وارو وري اسان جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي چونڊ تڪ اين اي 156 ۾ مختلف جاين تي تقريبن کي خطاب ڪندي ڪيو. شا??ه محم??د قريشي وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي ۽ انهي جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان اسان کي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به ??ڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي. مهانگائي موجوده حڪومت جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، مهانگائي جا سبب ان جا اندروني ۽ ٻاهريان عمل ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي اقتصادي ٽيم ان تي هوم ورڪ ڪري رهي آهي جنهن جا انشاءَ الله مثبت نتيجا سامهون ايندا. معاشري جي محروم طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. جنهن جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته خطي ۾ ۽ خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي خواهش رکون ٿا. پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستانجا جو خواهشمند آهي. امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي. خطي ۾ امن قائم ٿيڻ سان تعمير ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندي، اسان خطي ۾ امن جي لاءِ وڏي قرباني ڏني آهي. اسان جي خواهش آهي ته ا??غانستان ۾ معاشي صورتحال نه بگڙي. ڪجهه قوتون افغانستان جون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. اسان چاهيون ٿا ته ا??ي امن مخالف قوتون جيڪي افغانستان جي خراب صورتحال مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا انهن کي موقعو نه ملي سگهي. اسان عالمي برادري کي به ا??ڙين قوتن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مصالحتي ڪوششون جاري رکندو.
سمورن ادارن سان مثالي لاڳاپا آهن، حڪومت کان ٻاهر ويٺل ماڻهن جي لاءِ رڳو صبر جي دعا ڪري سگهان ٿا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن