ڪراچي – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي ??و گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، وزيراعظم جي هدايت تي عمر شريف جي عيادت جي لاءِ آيا آهيون، عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه آهي ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت عمر شريف جي علاج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ??دان گڏ آغا خان اسپتال ۾ ناليواري ڪاميڊين عمر شريف جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمر شريف اسٽيج جو بادشاهه ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت سندس علاج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان عمر شريف جي علاج جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڊاڪٽرن جو بورڊ جيڪو فيصلو ڪندو، حڪومت ان ۾ تعاون ڪندي، کيس اطمينان بخش علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته عمر شريف جي علاج بابت فيصلو ڊاڪٽ??ن کي ڪرڻو آهي، ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن اليڪشن ۾ هارائي وڃي ان تي اهي ڌانڌلي ??و گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف سڀ کان پهرين مظاهرو پي ايم ايل ??ين ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي جون تقريرون کڻي ڏسو، اهي هڪ ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن سندن موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو بنيادي طور تي ڪم پنهنجي غيرسياسي حيث??ت کي بحال رکڻ آهي، جيڪڏهن اهي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهن ته انهن کي هلي وڃڻ گهرجي?? 22 ??روڙ جي آبادي آهي، اسان اليڪشن ڪرائي سگهون ٿا.
مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores