ڪراچي – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم اڪيڊمي جي لائبريري ۾ سمورن ناياب ڪتابن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪالرز ۽ محققن ج?? ا??هن تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ۽ ننڍي کنڊ جي مسلم??نن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ شامل سندس ساٿين جي حوالي سان تحقيق جي لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته اهو قومي تاريخ کي محفوظ بڻائڻ جو انتهائ?? ا??م پليٽ فارم آهي جنهن ۾ بنيادي ڌيان پاڪستاني ثقافت، سماجيات، سياست ۽ ملڪي تاريخ ج?? ا??تصادي رخن جي حوالي سان تحقيق، اشاعت ۽ ترويج تي آهي. صدر اڪيدمي جي پهرين ڊائريڪٽر پروفيسر شريف المجاهد ۽ ٻين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان کي هڪ فعال تحقيقي ۽ اشاعتي مرڪز بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اڪيڊمي ۾ تحقيقي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ قائداعظم اڪيڊمي جي ڊائريڪر صدر کي بريفنگ ڏني. صدر کي اڪيڊمي ج?? ا??تظامي معاملن ۽ خاص طور تي تحقيق ۽ اشاعت جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو ويو. صدر کي ٻڌايو ويو ته اڪيڊمي قائم ڪرڻ کانپوءِ هيستائين انگريزي، اردو ۽ ٻ??ن علائقائي ٻولين ۾ 80 ڪتاب شايع ڪيا ويا جيڪي رعايتي اگهن تي فراهم ڪيا پيا وڃن.
اسڪالرز ۽ محققن جي انهن تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم